پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ غلام حسين ڊاڪٽر

پٺاڻ، غلام حسين، ڊاڪٽر: ناميارو اديب ۽ استاد، پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، 20 ڊسمبر 1935ع تي، پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد (گدو بندر)، حيدرآباد ۾ ڄائو. هن پهرئين درجي کان چوٿين درجي تائين تعليم، سيد قطب شاهه گورنمينٽ پرائمري اسڪول، حسين آباد مان حاصل ڪئي. پهرئين انگريزيءَ کان مئٽرڪ تائين ملڪ شيردل خان ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ تعليم ورتائين. هن انٽرميڊئيٽ ڊرائنگ جو امتحان 1954ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. بي. اي 1960ع ۾ سٽي ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. ان کان اڳ ٽي. ڊي (T.D) جو امتحان سنڌ يونيورسٽي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ مان 1959ع ۾ پاس ڪيائين. هن ايم. اي سنڌيءَ جو امتحان، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيو ۽ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1977ع ۾ ’سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ‘ تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار ٿيو، 1970ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، 1984ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ 1985ع ۾ پروفيسر طور ترقي ڪيائين ۽ عمر جا سٺ سال پورا ڪري، 1995ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. هن پورا 42 سال پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاريا. هن ادب ۽ تحقيق تي ڪيترائي مقالا لکيا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر غــلام حـسيـن پٺـاڻ جـي ڇـپيــل ڪـتـابــن ۾: (1) ’سنڌي ناول جي ارتقائي تاريخ‘، (2) ’تحقيق جو فن‘، (3) ’شاهه جي ڪلام ۾ هدايتون‘ شامل آهن، جڏهن ته سندس ٻه ڪتاب: (1) ’سماجي سائنس جا تحقيقي اصول‘ ۽ (2) ’ادبي، تاريخي، تحقيق جا اصول‘، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ڇپائي رهي آهي. ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ کي ’تحقيق جو فن‘ ڪتاب تي، پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، 1987ع ۾ انعام ڏنو. ان کانسواءِ کيس ’شاهه جي ڪلام ۾ تصوف‘ مقالي تي پڻ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران 1988ع ۾ انعام ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.12.20  عيسوي

ناميارو اديب ۽ استاد، پروفيسر ڊاڪٽر غلام حسين پٺاڻ، 20 ڊسمبر 1935ع تي، پٺاڻ ڳوٺ، حسين آباد (گدو بندر)، حيدرآباد ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ستيش روهڙا
ظفر عباسي ڊاڪٽر
رزاق سهتو
دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر
نذير احمد چنا
حشمت پارواڻي
جيئل اوڏ
امير علي چانڊيو
ولي رام ولڀ
زرداري محمد خان
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون